تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

جيڪب آباد ۾ جمس اسپتال جي او پي ڊي بند هئڻ ۽ عملي جي ناروا رويي خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جمس اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ، ايمرجنسي وارڊ شروع نه ڪرڻ، او پي ڊي بند ٿيڻ سميت انتظاميا جي مريضن سان ناروا سلوڪ خلاف سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران ھڪ احتجاجي جلوس مير چانڊيو، احمد راھوجو، محبت، راجه سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش پارڪ کان ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪري جمس اسپتال انتظاميا سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ھئا شھرين پاران جمس اسپتال جي مک دروازي تي پھچي ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين خطاب ڪندي چيو ته جمس اسپتال جي سالياني بجيٽ 66 ڪروڙ کان مٿي جي آهي جمس اسپتال ٽيچنگ اسپتال طرز تي ٺھيل آھي ناتجربيڪار کي اسپتال جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جنهن جمس اسپتال جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي جمس انتظاميا پاران مريضن کي ڪابه سھولت نه ٿي ڏني وڃي جمس اسپتال ۾ 4 سال کان وٺي اڃان تائين ايمرجنسي وارڊ شروع نه ڪيو ويو آهي جڏھن ته ڪورونا جو جواز ڄاڻائي 3 مھينن کان او پي ڊي بند ڪئي وئي آهي جنهن سبب سوين مريض دربدر ٿي ويا ھنن چيو ته گائني ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ ڊاڪٽر شبنم ويم لاءِ ايندڙ عورت مريضن کي خانگي اسپتال اچڻ تي مجبور ڪري رھي آھي جڏھن ته علاج سانگي ايندڙ عورتن کي تنگ ڪري موٽايو پيو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته جمس اسپتال انتظاميا ۽ سيڪيورٽي عملي جو مريضن سان رويو اڻانگو آهي مريضن سان ايندڙ شريف شھرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي جيڪا ڪريل حرڪت آهي مظاھرين وڏي وزير سنڌ، صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته جمس جي نااهل ڊائريڪٽر کي ھٽايو وڃي جمس ۾ ايمرجنسي شروع ڪئي وڃي جڏهن ته مريضن کي تنگ ڪندڙ عملي ۽ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلايو ويندو.

Bookmark the permalink.