تازا ترين
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

جيڪب آباد ۾ جلد پاڻي لائن وڇائڻ جو حڪم، غلط بياني تي ميونسپل چيئرمين کي شوڪاز

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ شھرين پاران پيئڻ جي پاڻي جي بحران بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ميونسپل چيئرمين، ايم ايس ڊي پي ۽ روينيو جا عملدار، درخواست گذار شھري وڪيل جي ايم سومرو سميت عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ميونسپل پاران پاڻي گھر گھر پھچائڻ جي دعويٰ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 193 آرٽيڪل تحت غلط بياني تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميونسپل چيئرمين شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو ٻي صورت ۾ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو، عدالت مختلف وارڊن ۾ پاڻي لائين نه وڇائڻ تي ايم ايس ڊي پي جي عملدارن تي کي ڇنڊ پٽي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايم ايس ڊي پي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي به طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ايس ايڇ او سول لائن پاران حد ۾ پاڻي پھچڻ بابت رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي کي ايس ايڇ او کي بدلي ڪري معقول آفيسر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت پاران مختيارڪار جي پيش نه ٿيڻ تي روينيو ملازم کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڊي سي کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته ان جو نمائندو ٻڌڻي تي پيش ڇو نه ٿي رھيو آھي. روينيو ملازم جج کان معافي وٺندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مختيارڪار پيش ٿيندو. جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي سي جيڪب آباد کان پاڻي فراھمي منصوبي جو اي ڊي پي اسڪيم جا مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت چيو ته ڪھڙي ڪھڙي پاڙن ۾ پاڻي سپلاءِ ٿي رھي آھي؟ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پيش ڪيل رپورٽ ۾ شھرين جي سڃاڻپ ڪارڊن سميت پوري ڄاڻ مڪمل ھجڻ گھرجي، بعد ۾ ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.