تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

جيڪب آباد ۾ انيلا ڌرپالي جي قتل سان 7 سالن کانپوءِ انصاف: والد ۽ ٻن ڀائرن سوڌو 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا: ڊي ايس پي تي به ڏوهه ثابت

انيلاڌرپالي زبردستي شادي ٿيڻ تي گهران نڪري وئي هئي،پوليس پناهه ڏيڻ بدران قاتلن حوالي ڪيو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ زبردستي شادي کان انڪار تي بيدرديءَ سان قتل ٿيل انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو 7 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو. عدالت مقتولڻ جي والد ۽ ٻن ڀائرن سوڌو چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ٺيڪيدار کي به ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏني وئي آهي.
ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 7 سال اڳ بيرحميءَ سان قتل ٿيل ناري انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ناريءَ جي والد عدالعزيز، ڀاءُ وسيم احمد، منظور احمد ۽ محم اسلم ابڙو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ – هڪ لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ کين وڌيڪ هڪ سال قيد ڪاٽڻي پوندي.
ڊي ايس پي ۽ ٺيڪيدار تي به ڏوهه ثابت
ماڊل ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو ۽ ٺيڪيدار رزاق بهراڻي کي 6-6 مهينا قيد ۽ 30-30 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ مهينو قيد ڪاٽيندا.
5 جوابدار الزامن کان آجا قرار
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ انيلا ڌرپالي جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل 5 جوابدارن سب انسپيڪٽر عبدالاحد سومرو، نذير احمد، الهه يار، عبدالله ۽ رشيد کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي آجو قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته مقتولڻ جي امڙ ملوڪان، فرزانه ۽ بلاول کي ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايو ويو آهي.
واقعي جو پسمنظر
ناري انيلا ڌرپالي 7 سال اڳ زبردستي شادي ٿيڻ خلاف گهران نڪري وئي ۽ سٽي ٿاڻي تي پناهه ورتي هئي، تڏهوڪي ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو وري ناريءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران ضمانت تي ٺيڪيدار رزاق بهراڻي حوالي ڪري ڇڏيو هو، اُن کانپوءِ ناري قتل ٿي وئي. سال 2002ع ۾ سرڪار جي مدعيت تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.