تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

جيڪب آباد ۾ آمريڪي سھڪار سان تعمير ٿيل جمس اسپتال ۾ دوائون غير معياري قرار: ليبارٽري رپورٽ ۾ تصديق

ڪجهه مهينا اڳ ڊرگ انسپيڪٽر ليبارٽري مان دوائون کنيون جيڪي غير معياري قرار

ڊرگ انسپيڪٽر اڄ ڇاپو هڻي غيرمعياري دوا جا 1232 پڪيٽ قبضي ۾ وٺي ڇڏيا

جيڪب آباد (رپورٽر) آمريڪي سھڪار سان تعمير ٿيندڙ جمس اسپتال ۾ دوائون غير معياري نڪتيون ليبارٽري جي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي. ڊرگ انسپيڪٽر 28 فيبروري 2020 تي جمس اسٽور مان اوليميگ گوري جو نمونو کنيو جنهن جي ليبارٽري مان آيل رپورٽ ۾ دوا غير معياري ھئڻ جي تصديق ٿي آهي. ڊرگ انسپيڪٽر اڄ ٻيهر جمس تي ڇاپو هڻي ڄاڻايل دوا جا 1232 پيڪٽ قبضي ۾ وٺي ڇڏيا. غير معياري دوا رکڻ تي جمس جي ڊائريڪٽر ۽ اسٽور انچارج خلاف ڊرگ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جمس انتظاميا موجب اوليميگ گوريون گورنمينٽ جي منظور ٿيل لسٽ موجب خريد ڪيون ويون آهن.

Bookmark the permalink.