تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ جوابدار پاڙيسري نوجوان ۽ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار بدنام ڏوهاري آهي: پوليس

ڳوٺ دڙي جاگير واري علائقي ۾ جوابدار ھزارو گلواڻي نوجوان معشوق جکراڻي کي قتل ڪيو

جوابدار نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي زال 28 ورهين جي شادو کي به قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ گهر پهچي پنهنجي نوجوان زال کي به ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙي جاگير واري علائقي ۾ جوابدار ھزارو گلواڻي ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان معشوق جکراڻي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪرڻ بعد گھر پهچي پنهنجي زال 28 ورهين جي شادو کي به قتل ڪري ڇڏيو. ٻِٽي قتل جي اطلاع تي مولاداد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال جيڪب آباد مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري جوابدار جي گھر پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ان ڏس ۾ مقتول نوجوان جي سؤٽ جان محمد جکراڻي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار ھزارو جکراڻي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي جوابدار پنهنجي ڀائرن سميت نوجوان معشوق جکراڻي ۽ پنهنجي زال شادو کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدار بدنام ڏوھاري آهي، مٿس مختلف ٿاڻن تي 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

Bookmark the permalink.