تازا ترين
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

جيڪب آباد: معصوم ٻار کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش: بلوچستان واسڻ عورت بس اڏي تان ٻار سميت سوگهي

نينگر جي وارثن عورت پروين کوسو کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

عورت ٻار کي کنڀي بلوچستان ڏانهن کڻي وڃي رهي هئي: وارث

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ معصوم ٻار کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام هيٺ هڪ عورت گرفتار. جيئل شاهه پاڙي جي 3 ورھين جي ٻار حفيم پٽ عبدالاحد جکراڻي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نينگر جي وارثن هڪ عورت کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار عورت پروين کوسو بلوچستان جي اوستا محمد جي رهواسڻ آهي، جنهن کي ڪوئيٽا وارين گاڏين جي اڏي تان ٻار سميت سوگهو ڪيو ويو. نينگر جي وارثن موجب ڄاڻايل عورت ٻار کي کنڀي بلوچستان ڏانهن کڻي وڃي رهي هئي.

Bookmark the permalink.