تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

جيڪب آباد جي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ وڌيڪ فنڊ وٺنداسين: محمد ميان سومرو

جيڪب آباد(رپورٽر) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي. ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري وفاقي وزير محمد ميان سومرو کي جيڪب آباد جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير محمد ميان سومرو ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي جي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ منظور ڪرايا آهن، جلد ٽف ٽائل سميت ٻيا ڪم ڪرايا ويندا، اڃان به وڌيڪ فنڊ وٺنداسين ته جيئن جيڪب آباد ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگهي، پيئڻ جي صاف پاڻي واري مسئلي کي حل ڪري جتي جتي پائيپ لائينون ناهن وڇايل انهن کي مڪمل ڪيو وڃي .محمد ميان سومرو چيو ته ٿليسميا سينٽر جي بحالي لاءِ ادي مليحه سومرو صحت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير عذره پيچوهو سان ڳالهايو آهي ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري سان به رابطو ٿيو آهي جلد مسئلو حل ٿيندو محمد ميان سومرو آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪرونا سبب ضلعي جي بهتري لاءِ مناسب ڪم نه ٿي سگهيا آهن اوهان آفيسرن جي ساٿ سان ضلعي جي هر شهر کي بهتر بڻائي عوام جي معيار زندگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي هن چيو ته منهنجي وس ۾ جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪندس ان ڪري اوهان ۽ عوام جي ساٿ جي سخت ضرورت آهي هن چيو ته مون کي جيڪي به وفاق کان فنڊ مليا اهي عوام جي امانت آهي.

Bookmark the permalink.