تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

جيڪب آباد جي صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتين بابت جاچ شروع

جيڪب آباد (رپورٽر) سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي پاران جيڪب آباد جي صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتين جي جاچ لاءِ اسپيشل سيڪريٽري نور محمد شاهه ۽ ڊپٽي سيڪريٽري رياض جکراڻي تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جيڪب آباد پھچي سال 2012-13 ۾ ٿيل جعلي ڀرتين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري رياض جکراڻي سان مسلسل رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو، ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي 270 ملازمن جو ليٽر لکي رڪارڊ گھريو آهي جاچ ڪاميٽي جيڪب آباد پھچي جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي طرف صحت کاتي جي ملازم ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي ڀرتين بابت درخواستگذار اڪبر کوسي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ وڏي پئماني تي جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن ھن ٻڌايو ته ھڪ کان چار گريڊ تائين 2008 ۾ ڀرتين جي اجازت ملي جنهن تي جيڪب آباد کان ڪراچي تائين ھڪ گريڊ کان سورنھن گريڊ تائين غيرقانوني ڀرتيون 2016 تائين ڪيون ويون، 2009 کان پوءِ ڀرتين تي پابندي لاڳو ھئي ان باوجود گنجائش کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪيا ويا جن جو تعداد 30 ھزار کان مٿي آهي ان ڪري ئي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پينشن نه ملڻ جون شڪايتون آهن، ھن ٻڌايو ته سروس ٽربيونل ۾ ڀرتين بابت جوڙيل ڪاميٽي جي خزاني آفيس جي ارشاد جوڻيجي پنهنجي صحيح سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو آهي ان وقت جي ڊي ايچ او جيڪب آباد ديدار جمالي ڊي ڊي او پاور نه ھوندي به ڪيتريون ڀرتيون ڪيون آهن، ڊاڪٽر ديدار جمالي جي ڪورٽ ۾ ڏنل بيان موجب 147 ڀرتيون ڪيون آهن جڏهن ته سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ خزاني آفيس موجب 443 ملازمن کي پگھار ڏني وڃي ٿي ھن چيو ته تازو جوڙيل جاچ ڪاميٽي سياسي آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪنهن کي بچايو ڪنهن کي ڦاسايو ويندو جاچ ڪرڻي آهي ته 2010 کان 2016 تائين ڀرتين جي جاچ ڪئي وڃي ھن چيو ته جيڪب آباد ۾ جعلي ڀرتين بابت منھنجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ھلي رھيو آھي.

Bookmark the permalink.