تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

جيڪب آباد اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر حڪم نه مڃڻ تي رليو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر حڪم نه مڃڻ تي رليو جو ليٽر ڪڍي ڇڏيو خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غضنفر علي قادري ڪالهه سول اسپتال ۾ دوري دوران ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر پون ڪمار کي مريض کي دوائون وٺي ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيو ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر پون ڪمار ڊي سي کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ دوائون موجود ناهن جنهن تي ڊي سي ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي تي ميڊيڪل آفيسر خلاف ڪارروائي لاءِ سيڪريٽري صحت کي ليٽر لکڻ لاءِ دٻاءُ وجهي وڌو. ڊي سي جي دٻاءُ بعد ڊي ايڇ او صحت ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر پون ڪمار کي فوري رليو ڪندي سيڪريٽري کي سخت ڪارروائي لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آهي ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر طفيل کوسو سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڊاڪٽر جي ڪابه غلطي ناهي اسپتال ۾ دوائن جي شديد کوٽ آهي ان باوجود به ڊاڪٽر پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽي ڪن ٿا پر سچ ڳالهائڻ تي ڊپٽي ڪمشنر جي اھڙي رويي تي ڏک پھتو آھي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ميڊيڪل آفيسر کي رليو ڪرڻ جو حڪم واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر خلاف تحريڪ ھلائيندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو ذاتي معاملو نه ھو ميڊيڪل آفيسر پيرسن مريض عورت سان بدتميزي سان پيش اچي رهيو هو ان کي ان لاءِ روڪيو ويو ته ھن مون سان بحث ڪيو جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ھن چيو ته ڊاڪٽر مسيحائي پيشو آهي ان لاءِ ڊاڪٽرن جو رويو مريضن سان درست ھئڻ گھرجي دوائن جي کوٽ پنهنجي جاءِ تي آهي پر ڊاڪٽرن کي پنهنجو رويو بھتر رکڻ گھرجي ھن چيو ته ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس اھڙي ڊاڪٽر کي ھتي رھڻ جو ڪوبه حق ناهي ان لاءِ ڊي ايڇ او صحت کي حڪم ڏنو آهي ته ڊاڪٽر کي فوري رليو ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر پون ڪمار ٻڌايو ته مون ڪنهن به مريض سان بدتميزي ناهي ڪئي اسان جو پيشو مسيحائي آهي ڪوشش ھوندي آھي ته غريبن جي مدد ڪئي وڃي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي ڊپٽي ڪمشنر کي صرف ان کان آگاهه ڪيو پر ھو منهنجي ان ڳالهه تان ڪاوڙجي پيو ۽ بلا جواز مون کي ليٽر ڪڍي رليو ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.