تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

جيڪب آباد:مائينر واهه وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار جي فائرنگ ۾ زميندار شادي خان جکراڻي قتل

جيڪب آباد (رپورٽر) مولاداد ٿاڻي جي حد مائينر واھ وٽ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪري 40 ورھين جي زميندار شادي خان جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار فائرنگ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. لاش کي ضروري ڪارراوئين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ بعد معاملي جي خبر پوندي.

Bookmark the permalink.