تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جيستائين جج مڪمل آزاد ۽ دٻاءَ کان آجا نه ٿيندا، انصاف ممڪن ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته جيستائين جج مڪمل آزاد ۽ دٻاءَ کان آجا نه ٿيندا، تيستائين انصاف ممڪن ناهي. ڪالھه نيب عدالتي سال جي شروعات جي موقعي تي رٿيل فل ڪورٽ کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته جج هجڻ اعزاز ناهي پر اهو هڪ اهڙو عهدو آهي جنهن تي ويهي ڪري انصاف فراهم ڪيو ويندو آهي، جج انصاف ڪرڻ جو پابند هوندو آهي، جنهن آئين تحت جج حلف کڻندو آهي ان تحت هو عدالتن جو محافظ پڻ هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انصاف نه صرف هڪ مهذب معاشري جو بنياد هئڻ سميت قرآن ۽ سنت مطابق هڪ اهم بنيادي اصول آهي جنهن جو تصور قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. هن چيو ته انصاف صرف عوام جي حقن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ برابري کي يقيني بڻائي ٿو، قانون تحت رنگ، نسل ۽ مذهب کان مٿانھون ٿي سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻو پوندو آهي اسانجو قانون هر ڪنهن کي برابري وارو اصول فراهم ڪري ٿو. چيف جسٽس چيو ته آئين ڪنهن کي به عدليا جي آزادي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، اسانجي مشاھدي ۾ آيو آهي ته عدالتن ۾ ڪيسن جو زير التوا هئڻ جو سبب غير ضروري طور ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪرڻ آهي، وڪيل ذاتي سببن ڪري عدالتن ۾ پيش نٿا ٿين ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وڊيو لنڪ جو تصور ڏنو پهرين مرحلي ۾ ڪراچي بعد ۾ سمورن رجسٽرين ۾ وڊيو لنڪ جي سهولت ڏني وئي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏينهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته ان کان پهريان 42 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ هيا عدالتي سال جو اختتام 45 هزار ڪيس جي التوا سان ٿيو آهي. ملڪ ۾ تڪڙي انصاف لاءِ ماڊل ڪورٽون قائم ڪيون ويون انهن عدالتن ڪورونا وائرس کان اڳ سيپٽمبر 2019 کان فيبروري 2020 تائين 153 ڏينهن ۾ 173 ماڊل ڪورٽن قتل، منشيات سميت ٻين اهم ڪيسن جا 21 هزار کان مٿي فيصلا ڏنا. هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ عدليا هر سطح تي آئين جي بالادستي کي برقرار رکڻ ۽ ان کيي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. انصاف واري نظام ۾ جنهن مقام هجڻ گهرجي ان لاءِ ڊگهو سفر باقي آهي.

Bookmark the permalink.