تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

جيترو مڪمل لباس هوندو اوتري ئي عزت ملندي: ماهرا خان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور اداڪارا ماهرا خان جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو پاڪستاني معاشرتي قدرن تي ڳالهائيندي نظر اچي ٿي. ماهرا خان جي ڳڻپ پاڪستان جي مشهور اداڪارائن ۾ ٿئي ٿي. اداڪارا جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو آئٽم نمبر ڪرڻ ۽ مختصر ڪپڙا پهرڻ بابت ويچار ونڊي رهي آهي. ماهرا خان پاڻ کي خوش قسمت اداڪارا قرار ڏيندي چيو ته پنهنجو پاڻ کي پاڪستاني اداڪارا هجڻ سبب بي حد خوش قسمت سمجهان ٿي ڇو ته هي هڪ واحد ملڪ آهي جتي اوهان جيترا وڌيڪ ڪپڙا پهريندا اوتري اوهان کي عزت ملندي. ريحام خان ماهرا خان جي ڳالهه تي ٽهڪ ڏنا ۽ چيو ته اوهان سٺي پوائنٽ ٻڌائي آهي پر ماهرا خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿي ته اوهان کي پاڪستان ۾ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ آئٽم نمبر ڪرڻ جي ضرورت ناهي اوهان کي ان وقت عزت ملندي آهي جڏهن اوهان مڪمل لباس ۾ هجو ۽ اوتري ئي اوهان جي واهه واهه ٿيندي. ٿي سگهي ٿو ته هي ڊبل اسٽينڊرڊ هجي پر اها حقيقت آهي. واضح رهي ته ماهرا خان کي شوبز انڊسٽري ۾ تقريبن 8 سالن جو وقت ٿي چڪو آهي ۽ هن ان عرصي ۾ ڪنهن آئٽم سانگ تي پرفارم ناهي ڪيو نه ئي ڀارت ۾ آئٽم نمبر ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.