تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

جوهي هاءِ اسڪول ۾ٻارن پٽ تي ويهي پيپر ڏنو

جوھي (ن پ ا ) جوھي ھاءِ اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارن کي مڊ ٽرم جو امتحان پٽ تي ويھاري ورتو ويو. شاگرد ڪاشف صحافين کي ٻڌايو ته فرنيچر ناھي، ان ڪري پٽ تي ويھي پيپر ڪريون ٿا. گسٽا يونٽ جوھي ھاءِ اسڪول جي جنرل سيڪريٽري قربان علي رند موجب ھنگامي بنيادن تي ھاءِ اسڪول لاءِ ٢۵ لک منظور ٿيل آھن، جيڪي ناھن مليا. اسڪول جي عمارت زبون حال، ڪمپائونڊوال نــ ھئڻ، در، دريون ڀڳل ۽ صفائي لاءِ ڪو به ملازم ناهي.

Bookmark the permalink.