تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

جوهيءَ ۾ لاڪ ڊائون ٿي ويو پر صفائي نه ٿي، عملو لاپتا، گهٽي گهٽيءَ ۾ گندگي جا ڍير

350 وائيٽ ڪالر ملازم اڳ ئي ويزا تي هئا ٽن مهينن کان ميونسپل چيئرمين به آفيس ۾ نٿو ويهي

صفائي تي گهڻو زور ڏنو پيو وڃي پر ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا صفائيءَ لاءِ تيار ناهي

جوهي(رپورٽ:ايم بي ٻٻر) جوهي ۾ لاڪ ڊائون ٿي ويو، پر صفائي نه ٿي، ميونسپل انتظاميا ۽ عملو لاپتا، گهٽي گهٽيءَ ۾ گندگي جا ڍير، مڇرن ماڻهن جو ماس پٽڻ لڳا، شهر ۾ اسپري به نه ٿي سگهيو. خبر موجب جوهي شهر ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ لاڪ ڊائون ته ٿي ويو پر شهر ۾ اڃا تائين صفائي ناهي ٿي سگهي. ان ڏس ۾ جوهي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين محمد هاشم کوسو، شوڪت باهوٽو، منظور ٻٻر، شاعر هارون پنهور، گهايل لغاري، خادم جسڪاڻي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته جوهي شهر جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. هنن چيو ته ميونسپل ۾ مقرر ساڍا 3 سئو وائيٽ ڪالر ملازم ته اڳ ئي ويزا تي هئا، پر هاڻي ته 3 مهينن کان ميونسپل چيئرمين به آفيس ۾ نٿو ويهي. شهرين الزام هڻندي چيو ته ڪورونا جي خطرناڪ وائرس کان بچاءُ ۽ احتياط لاءِ صفائي تي گهڻي کان گهڻو زور ڏنو پيو وڃي، پر افسوس جو جوهي ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا پنهنجي روايت برقرار رکندي شهر ۾ صفائي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. شهرين الزام هڻندي چيو ته شهر جي صفائي لاءِ 2 ڪروڙ ماهوار بجيٽ آهي، پر ميونسپل انتظاميا اڃا تائين ڪورونا جي خطرناڪ وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ناهي ڪرايو. شهرين الزام هڻندي چيو ته ميونسپل انتظاميا ۽ بااثر سياسي شخصيتون ميونسپل جا فنڊ ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا. هن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته ميونسپل انتظاميا في وائيٽ ڪالر ملازم کان 6 هزار رپيا رشوت وٺي کين ويزا تي موڪلي نجي ماڻهن کي صفائي جو ٺيڪو ڏنو آهي، جنهن سبب شهر ۾ گندگي جا سدائين ڍير لڳا پيا آهن. هنن چيو ته ڪورونا جي بچاءُ لاءِ جاڳرتا مهم جو تڪ جو ايم اين اي فوڪل پرسن هجڻ باوجود شهر ۾ گندگي جو نوٽيس ناهي ورتو ويو. شهرين چيو ته ڪورنا جي وبا جي ڏينهن ۾ ميونسپل انتظاميا شهر ۾ صفائي نه ڪرائي 70 هزار شهرين جي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ميونسپل انتظاميا جي نااهلي جو نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ۽ اسپري ڪرائي شهرين کي وائرس کان بچاءُ لاءِ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر فراهم ڪيا وڃن. ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي جوهي ميونسپل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين نقاد حسين چيو ته شهر ۾ جلد صفائي شروع ڪري گند ڪچرو صاف ڪيو ويندو. هن چيو ته جوهي شهر ۾ اسپري جي لاءِ اسان جو عملو تيار آهي، اسان ڊي ايڇ او دادو ۽ مليريا کاتي کي هڪ هفتو اڳ اسپري ڪرائڻ لاءِ لکيو آهي، پر هو ڪا به موٽ نٿا ڏين. هوڏانهن ميونسپل چيئرمين عبدالمجيد جمالي چيو ته شهر ۾ صفائي ڪرايون پيا، باقي اسپري جي لاءِ مون ايم اين اي ۽ ڊي سي دادو کي ڇيو آهي، جڏهن مون کي گاڏي ملندي ته مان بيڪٽيريا ۽ مليريا کان بچاءُ جو اسپري ڪرائيندس.

Bookmark the permalink.