تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

جهڏي ۽ ملڪاڻي شريف ۾ واپاريءَ جي قتل خلاف شٽربند هڙتال: بازارون نه کليون: خانگي اسڪول به بند: واپارين ۽ شهرين جو احتجاج

رات دير سان مشهور واپاري شاهد رحيم مغل کي هٿياربندن قتل ڪيو هو

جهڏو/ملڪاڻي شريف (نمائندن وٽان) جهڏي ۽ ملڪاڻي شريف ۾ واپاري جي قتل خلاف شٽر بند هڙتال، بازارون ۽ خانگي اسڪول بند، مقتول واپاري جي اڄ 3 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، گذريل رات روشن آباد وٽ زرعي مشينري جي مشهور واپاري ۽ زميندار شاهد رحيم مغل کي قتل ڪيو ويو، واپاري جي قتل خلاف واپارين جي سڏ تي جهڏي ۽ ملڪاڻي شريف ۾ شٽر بند هڙتالون ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو آهي، هڙتال سبب محمدي مارڪيٽ، شاهي بازار، انور عادل مارڪيٽ، ريشم گهٽي، فتح مارڪيٽ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز ۽ شهر جا خانگي اسڪول بند پيل آهن، مقتول واپاري جي جنازي نماز اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي ويندي، واپاري جي قتل سبب سموري شهر ۾ ڏک وارو ماحول آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

Bookmark the permalink.