تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

جهڏو ڀرسان ڪولهي برادري جي 5 گهرن کي باهه: الهه تلهه رک

جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو ڪولهي برادري جي 5 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺ سيد عبدلرحمان شاهه ۾ مسڪين ڪولهي برادري جي رامو ڪولهي ۽ ٻين جي پنج گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، گهرن ۾ پيل کٽون، هنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رکي ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو، متاثر رامون ڪولهي ٻڌايو ته خبر ناهي ته باهه ڪيئن لڳي، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، واهر ڪئي وڃي.



Bookmark the permalink.