تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

جهڏو مال پڙي لاڳيتو 4 مهينن کان بند، ڪيترائي مالوند بيروزگار

جهڏو (ن پ ا) ڪورونا وبا سبب سرڪار پاران مال پڙيون نه لڳائڻ واري حڪم تحت سنڌ جي ٻين شهرن جيان جهڏو شهر جي ريلوي گرائونڊ ۾ هفتيوار سومر ڏينهن لڳندڙ مال پڙي مسلسل چار مهينن کان بند پيل آهي مال پڙي بند هجڻ ڪري چوپايو مال پالي وڪرو ڪندڙ مالوند ماڻهو توڙي واپاري بيروزگار بڻجي ويا ته ٻئي طرف مال پڙي سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو بک ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويا آهن. جهڏو جي شهرين توڙي مالوند ڳوٺاڻن ۽ واپارين محمد اڪرم، احمد علي پتافي ۽ ٻين ٻڌايو ته زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا هارپو ڇڏي مال جو واپار ڪن ٿا، مال جي واپار سان سندس گهر جو گذر سفر ٿئي ٿو. ڪورونا وبا سبب سرڪار مال پڙين تي بندش وجهي ڇڏي آهي جنهن سبب اسان چار مهينن کان بيروزگار بڻجي بکون ڪاٽي رهيا آهيون مال جو واپار نه ٿيڻ سبب اسان کي وڏو نقصان پهتو آهي جڏهن ته قرباني واري عيد ويجهو هجڻ ڪري سڄي سال جيڪو قرباني جا جانور اسان پالي قرباني واري عيد تي وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا آهن مال پڙيون بند هجڻ ڪري اسان اهي جانور وڪڻڻ لاءِ سخت پريشان آهيون ۽ وڏي انگ ۾ جانور اسان وٽ موجود آهي پر واپار ڪرڻ لاءِ مال پڙيون بند آهن جنهن ڪري اسان کي وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته قرباني واري عيد کي نظر ۾ رکندي مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏئي نقصان کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.