تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

جهڏو جي واٽر ڪورس ۾ مئل گُلر پيل، شهري گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور

واٽر سپلاءِ جي تلائن کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽرڪورس۾4ڏينهن دوران5گلرمئل حالت۾مليا

انتظامياواٽرڪورس مان گلرڪڍڻ جي لاءِ ڪي به اپاءَنه ورتا

جهڏو (ن پ ا) جهڏو شهر جي واٽر سپلاءِ تلائن کي پاڻيءَ فراهم ڪندڙ واٽر ڪورس ۾ مئل ڪتن جا گلر پيل، شهري گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، خبرموجب جمڙائو ڪئنال جي پوڇڙ واري شاخ بگي مائنر مان نڪرندڙ شهر جي واٽر سپلاءِ جي تلائن کي پاڻيءَ فراهم ڪرڻ واري واٽر ڪورس ۾ چار ڏينهن کان پنج ڪتن جا گلر مئل حالت مليا آهن، چار ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا مئل جانورن کي ٻاهر ناهي ڪڍيو، جنهن سبب جهڏو واسي مئل جانورن وارو گندو بدبودار پاڻيءَ واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن جهڏو جي شهرين اڪرم علي، محمد عابد، رميش ڪمار، عرس پتافي ۽ ٻين چيو ته شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي ذميواري ٽائون ڪميٽي کان کسي پبلڪ هيلٿ کاتو حوالي ڪئي وئي آهي پر پبلڪ هيلٿ انتظاميا شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي واٽر سپلاءِ جي واٽر ۾ ڪتا مئل حالت ۾ ملي رهيا آهن پر انتظاميا انهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي جنهن سبب جهڏو واسي مئل جانورن جو گندو بدبودار پاڻيءَ واپرائڻ تي مجبور آهن پر لاڳاپيل انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، ميرپورخاص سميت وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ھوڏانھن پبلڪ هيلٿ آفيسر جو موقف رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر فون اٽينڊ نه ڪرڻ سبب موقف نه ملي سگهيو.

Bookmark the permalink.