تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

جهڏو تعلقي مان مهينو گذرڻ باوجود گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

جهڏو (ن پ ا) جهڏو تعلقي جي مختلف علائقن مان مهينو گذرڻ باوجود برساتي ۽ سم نالن ۽ پراڻ ندي جي گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺ رمضان خشڪ، ڳوٺ سائينداد علياڻي، ڳوٺ گلڻ خان چانڊيو، ڳوٺ گجو ڪڇي، سميت جهڏو جي اٺ يونين ڪائونسلن جا سوين ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن ڳوٺن ۾ 4 کان 6 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب هزارين ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن رستن واهن شاخن جي ڪپرن تي عارضي تنبو ۽ جهوپڙيون ٺاهي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن ته ٻي طرف گهارن سبب تعلقي جو هزارين ايڪڙن تي بيٺل مرچ، ڦٽي، ۽ ڀاڄين جو فصل پاڻي هيٺ اچي تباھ ٿي ويو آهي جنھن سبب هتان جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي، جھڏو ۾ آيل تباهي باوجود متاثرن جي حڪومت سرڪاري طور واهر نه ڪئي آهي مسلسل پاڻي بيهڻ سبب گندگي وڌي وئي آهي مڇرن ۽ زھريلي جيتن جي آزار سبب متاثرين مليريا، گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، سرڪاري طور واهر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ رمضان خشڪ جي رهواسين علي حيدر خشڪ، محمد رمضان خشڪ، اقبال خشڪ ۽ ٻين ڳوٺاڻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت جهڏو ميرپورخاص مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته پراڻ ندي جي گهارن سبب اسان جو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي 600 کان مٿي گهرن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل آهي اسان وٽ اڃان تائين نه ڪو چونڊيل نمائندو آيو آهي نه ئي سرڪاري طور تي اسان کي امداد ملي آهي اسان جا معصوم ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن واهر نه ٿيڻ سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهيون اسان جي ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي مدد ڪئي وڃي، ڌرڻو هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو جنهن بعد ايس ايچ او جهڏو پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

Bookmark the permalink.