تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

جهمپير ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل: فوتي عورت جو ناٺي ۽ گهرڀاتي جوابدار نامزد

فوتي ڌيءُ جي ناٺي ۽ اُن جي گهرڀاتين کين آپگهات تي مجبور ڪيو: فريادڻ

ٺٽو (رپورٽر) جهمپير ۾ عورت ۽ چئن ٻارن جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي. جهمپير جي ڪولمبيا فارم ۾ گذريل ڏينهن هڪ عورت ۽ سندس چئن ٻارن جو گهر مان لاش هٿ آيو هو، سندن پوسٽ مارٽم جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چئني کي ڦاهو ڏئي مارڻ بعد وات ۾ زهر وڌو ويو.
جهمپير ٿاڻي تي فوتڻ سومري ڪولهڻ جي والده مانو ڪولهڻ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سندن برادريءَ جي ئي ماڻهن رميش ڪولهي، لالو ڪالوهي ۽ سندس گهرواري کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءُ سومري ڪولهڻ کي لالو ڪولهي وارا ڌمڪي ڏيندا هئا، اُن حوالي سان ٻارن جي ماءُ پنهنجي مائٽن کي به آگاهه ڪيو هو، جوابدار لالو ۽ سندس گهرڀاتي فوتي سومري ڪولهڻ کي ڌيءُ سان ملڻ نه پئي ڏنو. لالو ڪولهي وارن شرط رکيو هو ته سومري ڪولهڻ غلط ڪم تي راضي ٿئي ته کيس ڌيءُ سان ملڻ ڏنو ويندو. فريادڻ الزام هنيو آهي ته جوابدارن سندس ڌيءُ کي ٻارن کي مارڻ ۽ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. واضح رهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار رميش کي فوتڻ سومري ڪولهڻ جي ڌيءُ ڏنل هئي.

Bookmark the permalink.