تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

جهاز حادثي ۾ ڪراچي جو رهواسي خاندان به اجل جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماڊل ڪالوني ۾ ڪري تباهه ٿيل بدنصيب جهاز حادثي ۾ ڪراچي جو رهواسي خاندان به اجل جو شڪار، ناظم آباد واسي وقاص پنهنجي گهروارِي نِدا، پُٽ عاليان ۽ ڌيءَ سان گڏ لاهور ۾ رهندو هو، عيد ملهائڻ لاءِ بدنصيب جهاز ذريعي ڪراچي پئي آيو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو، گلشن حديد جو رهواسي فوجي آفيسر ليفٽيننٽ مير بالاچ بگٽي اجل جو شڪار ٿي ويو، عادلپور واسي انجنيئر فرحان ڪلوڙ به جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته بينڪ آف پنجاب جو صدر ظفر مسعود معجزاڻي طور بچي ويو ۽ ان جو علاج جاري آهي، جڏهن ته محمد زبير نالي نوجوان به زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.