تازا ترين
  • مقصودو ۾ زهريلي ماکي جو حملو، 4 ورهين جو نينگر علي دوست جمالي فوت گھر ۾قھرام*
  • ڪراچي: سينٽرل جيل ۾ پهريون قيدي ڪورونا وگهي فوت*قيدي بهاول خان جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس لياري جنرل اسپتال داخل ڪيو ويو*
  • جهڏو: آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪورونا مريض جي طبيعت خراب ٿيڻ تي حيدرآباد منتقل*گهوٽڪي ۾ 62 ورهين جو پيرسن ڪورونا وگهي فوت، ضلعي ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو ڏهرڪي ۾ ڪورونا جا 2 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 15 ٿي ويو*
  • سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي*جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي*
  • نوشهروفيروز: پوليس اهلڪارن جو دڪاندار تي تشدد،ڳلي مان گِهيلي پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي وئي*نوشهروفيروز: پوليس 10 کان وڌيڪ ٻين دڪاندارن کي به گرفتار ڪيو*سڄو شهر کُليو پيو آهي، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، پوليس بنا جواز تشدد ڪيو: دڪاندار*پوليس گرفتار ڪيل دڪاندارن کي چنگچي رڪشائن ۽ موبائل ۾ گهمائيندي رهي*
  • سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي مٽيءَ جو طوفان ته ڪٿي هلڪي برسات* لاڙڪاڻو،قمبر،دادو، ڪنڌڪوٽ،ميهڙ، موهن جو دڙو۽ خانواهڻ ۾ مٽيءَ جو تيز طوفان ۽ هلڪي برسات*
  • عيد کان اڳ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ پڌري ڪئي: شهزاد اڪبر*وزيراعظم رپورٽ پڌري ڪري قوم سان واعدو پورو ڪيو: شهزاد اڪبر*پهريون ڀيرو ڪميشن جي رپورٽ جلد پڌري ٿي: شهزاد اڪبر*شاهد خاقان رپورٽ بابت غلط بياني ڪري رهيو آهي: وزيراعظم جو خاص مددگار*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي *رئوف صديقي دٻاءُ وجهي فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو: پبلڪ پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عماد صديقي متاثرن ۽ مالڪن وچ ۾ معاملا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو: پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عباد صديقي فيڪٽري مالڪن کان 5 ڪروڙ وصول ڪيا: پبلڪ پراسڪيوٽر *عدالت 17 جون تي جوابدار زبير چريا جي وڪيل کان حتمي دليل طلب ڪري ورتا*
  • *ڪچي پل ۽ ڀرپاسي ۾ مٽيءَ جو طوفان، ڪيترن ئي ڪکاون گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون *تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سبب بجلي جا ڪيترائي ٿنڀا ڪري پيا، رهواسين گهرن تائين محدود *
  • *همايون شريف ۾ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق *ڳوٺ چوڏيو سڌايو واسي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *سکر: تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *حادثي ۾ شادي تقريب ۾ ويندڙ نظير جوڳي فوت، سندس گهرواري صاحبه زخمي *
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار برقرار، رهواسي پريشان *لاڙڪاڻو: ڇتن ڪتن 2 ٻارن سميت 9 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو*
  • *ڪراچي: اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس *آغا سراج دراني، سندس گهرواري ۽ ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش *جج جي موڪل هجڻ ڪري ريفرنس جي ڪارروائي بنا ڪارروائي جي ملتوي *

جنگشاهي ۽ ڀرپاسي پاڻي بحران، عورتون جبل جھاڳي آب آڻڻ تي مجبور

يوسي جنگشاهي ۽ يوسي ڪوهستان ۾ پاڻي کوٽ سبب عورتون دربدر، اختيار ڌڻي ننڊ مان نه جاڳيا

ڄاڻايل يونين ڪائونسلن جون عورتون ريلوي ڦاٽڪ ۽ جبل پار ڪري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون

جنگشاهي (رپورٽ: عبدالرؤف بروھي) يونين ڪاؤنسل جنگشاهي ۽ يوسي ڪوھستان 7/4 ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ئي آهي، جنهن سبب عورتون پنھنجن گھرن کان شھر جي واٽر سپلاءِ تي پاڻي ڀرڻاينديون آھن جن کي ڪيترن ئي خطرن کي منھن ڏيڻو پئي ٿو. ان ڏس ۾ٻنهي يونين ڪائونسلن جي اڪثر آبادي ڪافي وقت کان پاڻي کان محروم آهي. ڪجھ ماڻهو ٽينڪرن وسيلي پاڻي حاصل ڪري پورائو ڪن ٿا، باقي ڳوٺن جون نياڻيون تڪليف کي منهن ڏين ٿيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ کي پار ڪري زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي جنگشاهي واٽر سپلائي اسڪيم تائين پهچڻو پوي ٿو ۽ عورتون جبل جي چوٽي تي هٿن پيرن جي مدد سان چڙهي پاڻي حاصل ڪرڻ بعد خطرناڪ انداز سان پاڻي سان ڀريل ٿانو کڻي جبل تان هيٺ لهن ٿيون. جنهن جي ڪري ڪافي حادثا پيش اچي چڪا آهن.ان حوالي سان فقير صمد اعجاز قادري، قادر بخش پيراڻي، حاڪم بروھي، مير صدام بروھي ۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جنگشاھي وارثن ھوندي به لاوارث آھي، هتي جوکيا، بروھي، جاکرا ، خاصخيلي، ٻروچ، ملاح، پالاري ء ٻين ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻھو رھن ٿا، سڀني برادرين جا سرپرست اڳواڻ چاھين ته جنگشاهي ڪوھستان ۾ پاڻي پھچائڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي پر چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ کانپوءِ غريب ماروئڙن کي وساري ڇڏيو آھي. هتان جي ڳوٺ محمد صفر جوکيو، ڳوٺ صيفل جوکيو، ڳوٺ عثمان جوکيو ۽ يو سي ڪوھستان 7/4 جي ھڪ ٻن ڳوٺن ۾ پاڻي جون پائپ لائنون به وڇايل آھن، انھن سميت ڪوھستان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڳوٺ سبز علي خان بروھي، حاجي روڌين جوکيو، علي محمد جوکيو، پنهل خان جوکيو ء ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي نٿو پھچايو وڃي.

Bookmark the permalink.