تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جنگشاهي صحت مرڪز جي ايم ايس ايمبولينس اين جي او کي ڏئي ڇڏي

جنگشاھي (ن پ ا) جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس سخاوت جو مظاهرو ڪندي سرڪاري ايمبولينس مرف نالي اين جي اوز جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي سماجي ڌرين طرفان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو آهي، اڳواڻن عبدالرحيم جوکيو، عمران جوکيو، شفيق احمد جوکيو، جمن جوکيو، شاھنواز جوکيو، ظفر بروھي، ۽ ٻين صحافين سان ڳالھيندي چيو تہ جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر لاء ٽيوٽا ھائلڪس جاپاني ايمبولينس ڪجھ سال پھرين ٽائير نہ ھئڻ ڪري رورل ھيلٿ سينٽر جي گئريج ۾ بيٺل ھئي. جيڪا رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس سخاوت ڪندي ايمبولنس مرف جي حوالي ڪري ڇڏي آھي، جيڪو عمل غلط آھي. ھنن چيو تہ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، دوائن جي کوٽ سميت ٻيون سھولتون اڳ ئي ناھن، جنهن ڪري مريضن کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو ٿو پوي، مٿان وري مرف انتظاميہ جنگشاھي رورل سينٽر ۾ بيٺل سرڪاري ٽيوٽا ھائيلڪس جاپاني ايمبولينس رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس مرف حوالي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ريجنل پروگرام مئنيجر ٺٽو آدم ملڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي ايچ او ٺٽو پنهنجي انتظامي طور ايمبولينس جهرڪ آر ايچ سي حوالي ڪئي آھي، ڊي ايچ او ٺٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مرف اين جي او جيڪو به ڪم ڪندو آھي اسانکي اعتماد ۾ ورتو ناھي ويندو، بلڪل جنگشاھي کي ايمبولينس جي سخت ضرورت آھي جنگشاھي وارن جي ايمبولينس واپس ڪنداسين، جنگشاھي جي سماجي اڳواڻ، سياسي اڳوآڻن ڊي سي ٺٽو، ايم پي اي سيد رياض شاھ حسين شاھ شيرازي، ايم اين اي ۽ پ پ پ ٺٽو جي صدر صادق ميمڻ کان اپيل ڪئي آھي تہ ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جي وڏي ابادي رکندڙ جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر کي ايمبولنس ڏيئي عوام ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.