تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

جلسن ۾ فوج بابت ناڪاري زبان استعمال ڪرڻ ٺيڪ ناهي:بلاول

فوج بابت ناڪاري زبان استعمال ڪرڻ ۽ جنرلز جا نالا کڻڻ سان ادارن جو وقار مجروح ٿيندو آهي: پ پ چيئرمين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ادارن کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿا چاهيون، جلسن ۾ فوج بابت ناڪاري زبان استعمال ڪرڻ ۽ جنرلز جا نالا کڻڻ ٺيڪ ناهي، جنرلز جو نالو کڻڻ سان ادارن جو وقار مجروح ٿيندو آهي. اَپمائر نه، عوام جَي اشاري تي هلڻ چاهيون ٿا، ملڪ ۾ هر مسئلي جو حل جمهوريت آهي. عوام هاڻي عمران خان کان حساب چاهي ٿو. جناح باغ ۾ جلسي جِي تيارين جو جائزو وٺڻ بعد بلاول ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر کي ڪٺ پتلي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪراچي جَي جناح باغ مان ڪٺ پُتلين کي للڪارينداسين، پروڊڪشن آرڊر پارلياماني ميمبر جو حق آهي، عوام چاهي ٿو ته بي آر ٽي ۽ عليمه باجي ڪيس جو فيصلو اچي ۽ انصاف لاءِ عدليه ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.