تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

جسٽس گلزار احمد سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر

موجوده چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي رٽائرمينٽ کانپوءِ چارج سنڀاليندو: نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار جسٽس گلزار احمد کي سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس گلزار احمد کي نئون چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۽ 177 تحت جسٽس گلزار احمد کين نئون چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سينيئر جج جسٽس گلزار احمد 21 ڊسمبر 2019ع کان سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ذميواريون سنڀاليندو.

Bookmark the permalink.