تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

جسقم پاران خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن معاملي تي اي پي سي سڏائڻ جو اعلان

خيرپور (رپورٽر) جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر چيو آهي ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن رد ٿيڻ سان انھن حڪمرانن جو ڪوڙو ڊرامو ظاھر ٿي پيو آھي جن دعوا ڪئي هئي ته انهن ڪاليج جي رجسٽريشن ڪرائي آھي. هن چيو ته خيرپور جي عوام سان دوکو ڪيو ويو ۽ ڪاليج جي اندر سياسي ھائوسن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جون جعلي ڀرتيون ڪيون ويون، پر جسقم ڪي ايم سي جي رجسٽريشن رد ڪرڻ واري معاملي تي خاموش نه ويهندي. عيد کان پوءِ جسقم پاران ڪاليج جي رجسٽريشن لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ انھن حڪمرانن کي به وائکو ڪيو ويندو جن ڪاليج جي ڪوڙي رجسٽريشن جو ڊرامو ڪيو.

Bookmark the permalink.