تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

جروار ۾ نوجوانن پاران ايڪتا ڏھاڙو قومي جذبي سان ملهائڻ جو وچن

ايڪتا جي حوالي سگهڙ ڪچهرين، محفل موسيقي ۽ ملاکڙي جو اعلان

جروار (ن پ ا): نوجوان سجاڳ سٿ پاران ايڪتا جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان. تفصيل موجب 6 ڊسمبر تي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز طرفان ”ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ جند آھي“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پوري سنڌ جيان جروار ۾ به نوجوانن ايڪتا ڏھاڙو ملهائڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آھن. نوجوان سجاڳ سٿ جي صدر فراز لنڊ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي 9 سالن کان ثفاقتي ڏھاڙو ملهائي سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اهو ثابت ڪندو اچي پيو ته سنڌي پنهنجي ثقافت جي حفاظت لاءِ هڪ آواز ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ 5
ته جروار جا نوجوان ايڪتا جو ڏھاڙو عيد جي ڏينهن طور ملهائيندا ۽ نوجوانن هن وقت ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن. ايڪتا جي حوالي سگهڙ ڪچهرين سان گڏ محفل موسيقي جا پروگرام به ٿيندا ۽ سنڌ جي راند ملهه ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي جا نوجوانن ۾ مقابلا پڻ ڪيا ويندا. جلد انهن پروگرامن جو شيڊول جاري ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.