تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

جروار ۽ دريا خان ۾ به ماڪڙ پهچي وئي: انتظاميا خاموش: آبادگار ماڪڙ ڀڄائڻ لاءِ بندوقن جا فائر ڪرڻ لڳا

ماڪڙ جو ڪمند، ڪيلي، ووئڻن، ٽماٽرن، ڪدو، ڌاڻن، موري ۽ ٻين فصلن تي حملو

ماڪڙتيزيءَ سان فصل کائي ناس ڪري رهي آهي، پريشان آهيون: آبادگار

جروار/ دريا خان مري (نمائندن وٽان ) جروار، دريا خان مري ۽ آسپاس وڏي انگ ۾ ماڪڙ پهچي وئي، آبادگارن بندوقون به کڻي ورتيون، دريا خان مري شھر ۽ آسپاس جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي، ڪمند، ڪيلي، ووئڻن، ٽماٽرن، ڪدو، ڌاڻن، موري ۽ ٻين فصلن تي حملو ڪري کائي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگارن کي وڏو نقصان پهتو آهي، شهري ماڪڙ پڪڙي کائڻ ۾ مصروف بڻيل آهن. جروار ۽ڳڙھي چاڪر جي آس پاس ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڪڙ لٿل، ڪمند، ڪپهه ۽ سرنھن جي فصل کي کائي تباھ ڪري ڇڏيو، انتظاميه غائب بڻيل آهي، آبادگارن پاران پنهنجي مدد پاڻ ماڪڙ کي اڏائڻ جون ڪوششون جاري، بندوق جا فائر به ڪيا ويا، پر ماڪڙ ختم نه ٿي سگهي. آبادگارن قيصر خان بوزدار ۽ ٻين موجب ماڪڙ ٻن ڏينهن کان اسان جي علائقن ۾ لٿل آهي، فصل تباهه ٿي ويا آهن، ڪير به واهر نه پيو ڪري.

Bookmark the permalink.