تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 49 نوان ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 194 ٿي ويو *عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 73 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، انگ 438 ٿي ويو*
  • *دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي،اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻيا پيش *ڪيس ۾ عابد قائمخاني جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *سمورن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي: عدالت جو حڪم *
  • *لاڙڪاڻو: شيخ زيد اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام *ڪالهه معصوم ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن پاران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي: وارث *
  • *ڊي سي دادو مساڻ جي زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، روينيو ٽيم پاران زمين جي ماپ *روينيو ٽيم هندو پنچائت جي مکي گرمک داس سان گڏ مساڻ واري هنڌ پهچي زمين جي ماپ ڪئي *ماپ دوران مساڻ جي هڪ ايڪڙ زمين تي قبضي جي نشاندهي *
  • *اسلام آباد: احتساب ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل نيب ريفرنس ۾ اڳڀرائي *نامزد جوابدار اڳوڻي سيڪريٽري قانون ارشد فاروق فهيم جي بريت جي درخواست رد *احتساب عدالت پاران جوابدار ارشد فاروق خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو فيصلو *جوابدار تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 57 ڪيس پازيٽو اچي ويا،انگ وڌي 897 تي ويا *سانگهڙ ضلعي ۾ 9375 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا: انتظاميه*
  • *نندو ويجهو دڪان کي باهه، زرعي ڀاڻ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو *ڳوٺ اولياءُ راڄسين ۾ امين ملاح جي دڪان کي باهه وڪوڙي ورتو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس ظاهر *ميرپورخاص ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 848 ٿي ويو *
  • *سکر ۾ مقامي سطح تي وڌندڙ ڪورونا ڪيسز وارو معامرو، مختلف علائقا سيل ڪيا ويا *ضلعي انتظاميا سکر، صالح پٽ ، روھڙي ۽ پنوعاقل جا وڌيڪ علائقا سيل ڪري ڇڏيا* جتي وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي: ڊي سي سکر*
  • *اسلام آباد احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ پارڪ لين ڪمپني ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پارڪ لين ريفرنس خارج ڪرڻ واري درخواست تي دليل جاري نيب قانون مطابق آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪري ها؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 208 ٿي ويو *متاثرن کي پنھنجن گهرن ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي: ضلعي انتظاميا *
  • *ميرپورخاص ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت *اميدن بري درگاهه وٽ سائيڪل تي ويندڙ 14ورهين جي وشال ڀيل ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت *نينگر جو لاش اسپتال منتقل، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو *
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو نيب ريفرنس *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري چوٿون ڀيرو ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي *خورشيد شاهه گذريل ٻن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي: خورشيد شاهه جو وڪيل *

جروار ڀرسان پسند جي شاديءَ تان نوجوان جي گهر تي حملو: ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا اغوا: ناري جي وارثن تي الزام

رفعت لنڊ ۽ نوجوان نيڪ محمد گذريل ڏينهن پسند جي شادي ڪئي

ناري جي مائٽن طرفان مبينا طور نوجوان جي ڳوٺ تي حملو

جـروار ( ن پ ا) جروار ڀرسان پسند جي شادي تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٿي ويو. ڇوڪري جي وارثن مبينا طور نوجوان جي ڳوٺ تي حملو ڪري هڪ نوجوان ۽ 2 عورتن کي اغوا ڪري ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ڌريون مورچابند ٿي ويون. يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش لنڊ ۾ پسند جي شادي تان شروع ٿيل تڪرار تيز ٿي ويو، پسند جي شادي لاءِ گھران نڪتل ناري رفيعت خاتون ڌيءَ ملوڪ لنڊ جي وارث هٿياربندن نوجوان نيڪ محمد لنڊ جي ڳوٺ رامڻ لنڊ تي ڪاھ ڪري ڏني. هٿياربند ناري جي پلاند ۾ نوجوان جي ٻن مائٽ عورتن مسمات سھاڳڻ زال غلام شبير، شھزادي زال غلام نبي لنڊ ۽ هڪ نوجوان عبدالرشيد پٽ الله بخش لنڊ کي اغوا ڪري ويا، اطلاع ملندي ئي يارو لنڊ پوليس سميت ٻين ٿاڻن جا پوليس اٽالا ڇڪتاڻ واري ڳوٺن ڏانھن روانا ٿي ويا. ڇڪتاڻ بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، لنڊ برادري سان واسطو رکنڙ ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي ويا، يارو لنڊ پوليس جو چوڻ ھو ته لنڊ برادري ۾ پسند جي شادي تان تڪرار شروع ٿيو آهي. هڪ ڌر پاران نوجوان جي مائٽ ٻن عورتن ۽ هڪ نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن نوجوان نيڪ محمد لنڊ ۽ ناري رفيعت لنڊ پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتا هئا، جنهن جي ڪري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي آهي، جاچ ڪريون پيا.

Bookmark the permalink.