تازا ترين
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جروار ٿاڻي تي 8 مهينن کان باندي بڻيل ڪڪڙ جون ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد خفتي جاڳي پيو: ڪورٽ ۾ ڪڪڙ جي آزادي لاءِ درخواست

ڪراچي ويل هيس ڪڪڙ جي مالڪي نه ڪئي، ڪڪڙ منهنجي حوالي ڪيو وڃي: درخواستگذار

پوليس عدالتي حڪم تي ڪڪڙ مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو: اهلڪارن ۾ خوشي جي لهر

جروار (ن پ ا)جروار ٿاڻي تي 8 مهينن کان باندي بڻيل ڪڪڙ جون ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ڪڪڙ جو مالڪ حيات پتافي رهواسي ظفر ميراڻي فرسٽ سول جج ميرپور ماٿيلو جي ڪورٽ ۾ ڪڪڙ جي آزادي لاء درخواست ڏئي ڇڏي. ڪڪڙ مالڪ ڪورٽ ۾ درخواست ۾ چيو ته هو ڪم سان ڪراچي ويل هيس ان ڪري ڪڪڙ جي مالڪي نه ڪري سگهيو، ڪڪڙ سندس حوالي ڪيو وڃي . ڪڪڙ مالڪ جي درخواست تي ڪورٽ پوليس کي ڪڪڙ مالڪ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪورٽ جي حڪم تي جروار پوليس ڪڪڙ مالڪ جي حوالي ڪيو. ڪڪڙ آزاد ٿيڻ بعد جروار ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي.

Bookmark the permalink.