تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

جروار: پل ٽٽل هجڻ سبب موٽرسائيڪل سوار مائينر ۾ ڪري پيا، پيءُ ٻن ٻارن سوڌو زخمي

جروار)ن پ ا) جروار ڀرسان چاڪر مائينر جي پل ٽٽل هجڻ سبب موٽرسائيڪل سوار پاڻي ۾ ڪري پيا، ٻن معصوم ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي. پيرپکڙوئي کان جروار ايندڙ موٽر سائيڪل خالد آباد لنڪ روڊ تي چاڪر مائينر جي پل ٽٽل هجڻ سبب واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 3 ڄڻا ڪري پيا، ڀرپاسي موجود ماڻهن کين زخمي حالت ٻاهر ڪڍي ورتو. زخمين ۾ 5 ورهين جو نارو مل، 4 سالن جو رميش لعل ۽ سندن پيءُ منور ميگهواڙ کي اسپتال پهچايو ويو، جتان طبي امداد ڏئي کين گهر روانو ڪيو ويو. شهرين جو چوڻ آهي ته هي پل ٻن مهينن کان ٽٽل آھي، رات جي وقت هر روز حادثا ٿين ٿا. پل جو مرمتي ڪم نه ڪرايو ويو ته ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.