تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

جروار ويجھو دوستي نه رکڻ تان نينگر تي مبينا تشدد، اين سي داخل

جروار (ن پ آ) جروار ويجھو ڳوٺ ارباب شر جي رهواسي نينگر اٺين ڪلاس جي شاگرد وفادار علي شر مٿان ٽن جوابدارن دوستي نه رکڻ تي مبينا تشدد ڪيو، نينگر پاران اھڙو اطلاع گھر وارن کي ڏيڻ بعد کيس وارثن يارولنڊ ٿاڻي تي آندو ويو جتي نينگر ٻڌايو ته ٺڪر عرف ڏاڏو شر معشوق شر ۽ ياسين شر مون کي دوستي نه رکڻ تان اغوا جي ڪوشش ڪندي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي ۽ ڄاڻايل جوابدار ڪافي عرصي کان مون کي تنگ ڪندا پيا اچن، انھن جي خوف کان مون اسڪول پڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آھي نينگر جي اھڙي بيان بعد ڄڻايل جوابدارن مٿان يارو لنڊ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي ۽ يارولنڊ پوليس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ کروهي اسٽاپ ۽ ميخانو اسٽاپ ۽ ٻين ھنڌن تي ڇاپا پڻ ھنيا پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. هوڏانهن الزام ھيٺ آيل ٺڪر شرجو چوڻ آھي ته نينگر ڪوڙ ٿو هڻي، پاڻ رولو آھي ۽ فيڪ فيس بڪ جون آڊيون ٺاهي اسان جي خلاف غلط لکندو هو، جنھن ڪري اسان جو هن سان جهيڙو ٿيو آھي باقي اسان مٿان لڳندڙ الزام بي بنياد آھن.

Bookmark the permalink.