تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

جاچ پئي ٿي يا ڊرامي بازي؟ سي سي پي او جي بيان تي سڄي ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موٽر وي زيادتي ڪيس جي حوالي سان ريمارڪس ڏنا آهن ته خبر ناهي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي ۽ سي سي پي او اهڙو جملو چيو، جنهن تي سڄي ڪابينا کي معافي گهرڻ گهرجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون موجب حڪومت چاهي ته عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي. جسٽس قاسم خان چيو ته قانون پڙهو ۽ مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت اهو حڪم جاري ڪيون، رڳو خبر ڇپرائڻ لاءِ درخواستون داخل نه ڪيون وڃن. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل آهي ۽ جاچ به ٿي رهي آهي. چيف جسٽس سي سي پي او جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي پي او اهڙو جملو چيو، جنهن تي سڄي ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي، هي ڪهڙي جاچ آهي جنهن ۾ سي سي پي او مظلوم عورت کي غلط ڪوٺي رهيو آهي؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته سي سي پي او جي بيان تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي، عدالت پڇيو ته ڇا سي سي پي او جي بيان تي جاچ ٿي رهي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته سڄي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي سخت ايڪشن ٿيڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي ڌيئرن کي حوصلو ٿئي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، خبر ناهي ته انويسٽيگيشن ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي؟ عدالت چيو ته حڪومتي صلاحڪار ۽ قانون وارو وزير موقعي تي وڃي تصويرون ڪڍرائي رهيا آهن، ڇا قانون وارو وزير ڪو انويسٽيگيشن آفيسر آهي؟ جو موقعي تي وڃي تصويرون ٺاهي رهيو آهي، اهي تصويرون پوءِ سوشل ميڊيا تي ڏيکاريندا آهن ته وڏو ڪم ڪري رهيا آهن. عدالت واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن ۽ تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته سي سي پي او لاهور کي به طلب ڪري ورتو. پوءِ سي سي پي او لاهور عمر شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ روسٽرم تي اچي پنهنجي بيان تي معافي ورتائين. عمر شيخ چيو ته مون کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهربو هو پر مان بزرگ ۽ پيءُ جي حيثيت سان ڳالهه ڪئي هئي. سي سي پي او عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي ۽ 2، 3 ڏينهن ۾ اهو ڪيس حل ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.