تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جاتي ۾ ون آر ڪپور سم نالي کي لڳل 8 گھارا بند نه ٿي سگھيا، ٻڏي ويل ڳوٺن جا رهواسي روڊن تي ترسيل

جاتي(رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم)جاتي جي يونين ڪائونسل شاهڪپور ۾ ديوان شگر مل کان نڪرندڙ ون آر ڪپور سم نالي کي 25 ڏينهن کان لڳل 8 گهارا انتظاميا بند نه ڪرائي سگهي آهي. آبپاشي کاتي ۽ ڊرنيج کاتي جي انتظاميا به گهارا ٻڌڻ لاءِ نه پهتي آهي، جڏهن ته ون آر ڪپور سم نالي جو ڇوڙ ڪاري گونگڙي سم نالي ۾ پاڻي جي چاڙھ ٿي رهيو آهي جنهن ڪري وڌيڪ ڳوٺ ۽ فصل ۽ مڇي جا سوين تلاءُ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ٻئي طرف ٻڏي ويل ڳوٺن جا متاثر به 25 ڏينهن کان روڊن رستن سرڪاري عمارتن ۽ سم نالن جي بندرن تي جهوپڙا اڏي بي يارو مدد گار ويٺل آهن، جيڪي بکون ۽ اڃون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. متاثرن ۾ مختلف خطرناڪ بيماري گيسٽرو، ڊائريا، مليريا جهڙن موضي مرضن جنم ورتو آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته گهرن ۾ پيل سمورو سمان لڙهي ويو آهي ۽ فصل به مڪمل سڙي ۽ لڙهي ويا آهن، اسان روڊن ۽ رستن تي بي يارو مدد گار زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، ٻارن جي کائڻ لاءِ ماني پاڻي ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ناهن، اسان جي واهر ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.