تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

جاتي ويجھو ڳوٺاڻن ۽ پوليس تي فائرنگ، 2 ڄڻا گرفتار

جاتي(ن پ ا)جاتي لڳ يو سي ڪوٺي ۾ ڳوٺ الھبچايو ملاح جي ملاح برادري تي ھٿياربندن طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ڪري ڳوٺ ۾ خوف پکڙجي ويو. جاتي پوليس پهچڻ تي ان تي پڻ فائرنگ ڪئي وئي، بعد ۾ پوليس فائرنگ ڪندڙ رحيم پٺاڻ ۽ غلام مير کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جاتي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل ٻن ڄڻن خلاف ڳوٺاڻي بچو ملاح جي فرياد تي ڳوٺاڻن تي حملي، پوليس سان ڊيوٽي اٽڪاء ۽ غير قانوني ھٿيار رکڻ جا 3 الڳ ڪيس داخل ڪري ڪيا آهن، هوڏانهن ڳوٺاڻن موجب فائرنگ ڪري حملي ڪندڙن مان جاني نقصان جو خطرو آهي، اسان غريب ۽ ھٿين خالي آھيون، تنهن ڪري انتظاميا کي وڌيڪ اپاءُ وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.