تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

جاتي لڳ فوت ٿيل همراهه جي قتل جو الزام، 2 سالا گرفتار

جاتي(رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم)جاتي جي جي ڳوٺ عبدالله موچي ۾ 15 ڏينھن اڳ فوت ٿي ويل علي پٽ غلام موچي کي سندس سالن ھٿان گُھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مقتول جي ڀاءُ مبارڪ موچيء جي فرياد تي جاتي ٿاڻي تي مقتول جي سالن چئن جوابدارن مريد پٽ ابراھيم موچي، مھراڻ، خادم ۽ رمضان موچي تي 302 قتل ۽ فريادي کي دمڪين ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن رمضان موچي ۽ مھراڻ موچي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. مقتول جي ڀاءُ مبارڪ موچي چيو ته علي موچي جي گھرواري زرينه موبائل فون استعمال ڪندي ھئي کيس روڪڻ تي ڀاء ۽ سندس سالن ۾ جھيڙو ٿي پيو منھنجي ڀاء علي موچيء کي سندس سالن گھر ۾ سخت تشدد جو نشانو بنائي گھٽا ڏئي ماري بعد ۾ بيماري ۾ مري وڃڻ جو بھانو بنايو.

Bookmark the permalink.