تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ثنا جاويد پنهنجي شادي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ثنا جاويد پنهنجي شادي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته عمير جسوال سٺو دوست آهي انڪري کيس سالگرا جو تحفو ڏنو.ثنا جاويد چيو ته ميڊيا هروڀرو غلط خبرون ڦهلائي منهنجي ساک کي نقصان پهچايو في الحال ڪوبه ارادو ناهي، مائٽن جي مرضي موجب شادي ڪنديس.واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي اهي افواهون سامهون اچي رهيون آهن ته ثنا جاويد ۽ گلوڪار عمير جسوال جلد ئي شادي ڪندا.ان افواهن جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن گلوڪار عمير جسوال پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي رهيو آهي. ان تصوير جي هيٺيان گلوڪار اداڪاره ثنا جاويد جو ڪمنٽ ۾ شڪريو ادا ڪيو. جڏهن ته هن لکيو ته مون کي ڪيڪ پسند آيو ۽ موٽر سائيڪل جو رنگ به، جڏهن ته نئين موٽر سائيڪل جو آئيڊيا ڏيڻ تي عمير جسوال ثنا جاويد جو شڪريو به ادا ڪيو. ان تي اداڪاره جواب ڏيندي ڪمنٽ ڪيو ته مون کي خوشي آهي اوهان کي پسند آيو، اوهان کي سالگره جي مبارڪباد هجي. هنن ٻنهي جي ان ڳالهه ٻولهه مان مداحن پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. مداحن موجب عمير جسوال ۽ ثنا جاويد هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهن ۽ جلد شادي به ڪري وٺندا. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ڪنهن هنن کي نئين سال جي موقعي تي پاڪستان جي نئين جوڙي قرار ڏنو ته ڪنهن لکيو ته هي ٻئي جلد شادي ڪري وٺندا.

Bookmark the permalink.