تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

تڙ جان محمد ۾ ٻن هرڻن جو شڪار، تصويرون وائرل، وائلڊ لائيف کاتو خاموش

کپرو(ن پ ا) تڙ جان محمد واري علائقي مان مقامي ماڻھن علي محمد عثمان، پاندي راڄڙ، معرفت سانگهڙ جي نظاماڻي برادري جي ماڻھن اڇڙي ٿر جي خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي ڳوٺ تڙسارگوئي هرڀوئي واري علائقي مان جديد هٿارن سان رات جو سرچ لائيٽ ذريعي ٻن هرڻن جو شڪار ڪيو جنهن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آھن ٻڌايو وڃي ٿو ته شڪار ڪندڙ بااثر وائيلڊ لائف کاتي جي ملازمن جا فرزند آھن جنهن ڪري قانون حرڪت ۾ ناهي آيو وائيلڊ لائيف کاتي جي عدم دلچسي سبب هرڻن جي نسل ڪشي ٿي رهي آھي.

Bookmark the permalink.