تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *

تيل ۽ گيس ذخيرن سان مالا مال ڄام نواز علي جو شهر نئون آباد سهولتن کان وانجھيل، گندگي جا ڍير

ٻوٻي آئل فيلڊ کان صرف ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم نئون آباد شهر ۾ ڊرينيج جو سسٽم تباهه ٿي ويو، روڊ رستا اکڙي ويا، شهري پريشان

ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ ڪري شهري گندگي گڏيل صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا،اختياريون خاموش

ڄام نواز علي: تيل ۽ گيس سان مالا مال ڄام نواز علي جو شهر نئون آباد جديد دور ۾ به ترقي کان محروم آهي. ان ڏس ۾ وڏي آبادي رکندڙ نئون آباد شهربنيادي سهولتن کان محروم آهي، شهر ۾  صفائي جا جوڳا اپاءُ نه ٿي سگهيا آهن، صفائي شهرين  لاء خواب بڻجي وئي آهي. ان ڏس ۾ تقريبن 20هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر نئون آباد انيڪ مئسلن جي ور چڙهي ويو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ شهري صحت تعليم، روڊ رستن، پئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، جڏهن ته شهرين جي تفريح لاءِ پبلڪ پارڪ، لائبرري، ٻارن جي راندين لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون پڻ نه آهن، قدرتي وسيلن سان مالا مال ھوندي به شهري نڌڻڪا آهن. انتظاميا جي لاپرواھي جي ڪري  سوريج  سسٽم  تباهه ٿي ويو آهي، ڊرينج لائنون ٽٽڻ  جي ڪري شھر جي مختلف محلن ۽ گھٽين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت بيھجي ويو آهي، صفائي جو عملو نه هجڻ سبب سڄو  شھر گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شھرين جي زندگي  عذاب بڻجي وئي آھي. واٽر سپلاءِ جي تلائن جي چوديواريون ٽٽڻ ھجڻ ڪري تلائن ۾ گڏھ، ڪتا ۽ ٻين جانورن جو اچڻ معمول بڻيل آهي  جڏھن ته علائقي واسي گند ڪچري وارا ڪپڙا ڌوئڻ وارو پاڻي ۽ چڪين جوزهريلو پاڻي  واٽر ڪورس ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، جنهن سبب اهو پاڻي واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ گڏ ٿئي ٿو جيڪو شھرين کي پيئڻ لاءِ فراھم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب وبائي بيماريون پکڙجڻ جوخدشو وڌي ويو آهي، شهرين ڀونگر خان مهر، دين محمد، امير بخش مهر، محمد راجپر، دل مراد کوسو، انب شيدي، پپو مهر، هدايت الله کوسو  ۽ ٻين چيو آهي ته هتي جي انتظاميا صفائي جي بهتري لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آهن. ڊگهي عرصي کان شهر جي صفائي ٿي نه سگهي آهي جنهن سبب هتي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. او جي ڊي سي ايل انتظاميا توڙي حڪومتي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي شهر جو صفائي نظام توڙي ڊرينيج نظام کي بهتر بڻائين ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو. هوڏانهن نئون آباد کا 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻوٻي آئيل فيلڊ قائم آهي، جتان او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جي مد ۾ ھر مھيني ڪروڙين روپين جي آمدني ڪري رھي آھي، ان باوجود آئل فيلڊ انتظاميا توڙي ضلعي انتظاميه ھن شھر جي ترقي لاءِ ڪي به اپاء نه ورتا آھن، اڄ به ھن جديد دور ۾ نئون آباد شھري ۽ ٻھراڙين جا ڳوٺ روڊ، اسپتالون، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آھن، جڏھن ته علائقي جا لنڪ روڊ تباھ آھن، جنھن سبب شھرين توڙي علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ انتھائي مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن.

Bookmark the permalink.