تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

اسلام آباد جي احستاب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

هن ڪيس ۾ 3 جوابدار آهن، نواز شريف جي نالي تي عدالت وارنٽ جاري ڪيا هئا:نيب پراسيڪيوٽر

نواز شريف برطانيا ۾ آهي، پرڏيهي آفيس ذريعي وارنٽس اماڻيا آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احستاب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران نيب نواز شريف کي سمن برطانيه موڪلڻ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف برطانيه ۾ آهي کيس پرڏيهي کاتي ذريعي سمن موڪليا ويا. ان موقعي تي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري بيمار آهي، هن جي طرفان حاضري کان استثني جي درخواست داخل ڪيل آهي. جج محمد اصغر علي چيو آهي ته آصف زرداري جي استثني واري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته مان هڪ سينيئر وڪيل آهيان، عدالت چئي رهيون آهيان ته ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري عدالت ۾ پيش ٿيندو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري جي لاءِ مان مسلسل پيش ٿيندو رهيو آهيان، استدعا آهي ته آصف زرداري جي حاضري کان استثنيٰ واري درخواست منظور ڪئي وڃي. عدالت چيو ته ڊگهيون تاريخون ڏيڻ جي باوجود آصف زرداري پوءِ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، وڌيڪ استثنيٰ نٿا ڏئي سگهون. ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پيش نه ٿيڻ تي عدالت طرفان پڇاڻو ڪرڻ تي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني ڪورونا جو شڪار ٿي ويو، مان به يوسف رضا گيلاني سان گڏ هئس، مان پاڻ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جولاءِ تي ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.