تازا ترين
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

تنگواڻي ڀرسان گم ٿيل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان گم ٿيل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ، ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد امين سندراڻي ۾ ڪڻڪ جي فصل مان لاش هٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد وارثن اصغر علي عرف برڪت پٽ تاج محمد عرف جلال جکراڻي طور سڃاڻپ ڪئي وئي، نوجوان جي پاسي مان پستول، جسم تي تشدد جا نشان ۽ ڳاٽو ڀڳل هو، جڏهن تہ وارثن ڀاءُ محمّد مراد جکراڻي ۽ پٽ دلدار جکراڻي ٻڌايو تہ نوجوان برڪت جکراڻي رات گهر واپس ايندي رستي ۾ ماريو ويو، هنن چيو تہ نوجوان جي قتل جي جاچ ڪئي وڃي، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته اسان کي نوجوان جي لاش ڏسڻ جو اطلاع مليو، اُتي پهتا آهيون، وارثن اچي سڃاڻپ ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

Bookmark the permalink.