تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

تنگواڻي ويجھو سيپڪو جي نااهلي سبب ٻن ٻارڙن کان حياتي کسجي وئي

تنگواڻي(رپورٽ:لطف سنڌي) تنگواڻي لڳ سيپڪو انتظاميا جي نااهلي سبب ٻن ٻارڙن کان حياتي کسجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ تنگواڻي جي ڳوٺ خيرجان بروهي ۾ 12 سالن جو عاشق علي ملڪ ولد جمعو ملڪ ۽ 13 سالن جو احمد علي پٽ محمّد ملڪ لڪڙي تي لٽڪندڙ 11 هزار وولٽ جي تارن ۾ وچڙي سڙي فوت ٿي ويا آهن، فوتي ٻارڙا عاشق علي ۽ احمد علي ملڪ ڪراچي جي مهراڻ ٽائون واري علائقي جا رهواسي هئا، جيڪي پنهنجي مامن جي گهر گھمڻ لاءِ آيل هئا، واقعي بعد لاش گهر پهچڻ تي ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن تہ فوتين جي وارثن سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا سيپڪو وارن کي چيو ته تارون مٿي ڪريو پر هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي. تارون مٿي نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ هي جاني نقصان ٿيو آهي. هنن چيو ته سيپڪو جي ذميوار انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.