تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

تنگواڻي جي فوڊ سينٽر ۾ رکيل ڪڻڪ اس ۽ برسات سبب خراب ٿيڻ لڳي

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي جي فوڊ سينٽر تي هزارين مڻ خريد ڪيل ڪڻڪ کي جيت لڳي ويو، جيت لڳڻ سبب ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي، فوڊ انسپيڪٽر محمّد نواز گولو ٻڌايو ته ڊي ايف سي فوڊ سميت مختلف آفيسرن کي ٻڌايو ته برسات،گرمي ۽ مٽيءَ سبب ڪڻڪ خراب ٿي پئي لکت ۾ شڪايتن باوجود ڪنهن به فلور مل کي ڪڻڪ وڪرو نه ڪري سگهيا آهيون، هن چيو ته خريد ڪيل ڪڻڪ جلد وڪرو نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڏو نقصان حڪومت کي برداشت ڪرڻو پئجي ويندو.

Bookmark the permalink.