تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

تمر جا ٻوٽا متاثر ٿيا آهن: فاريسٽ آفيسر جو اعتراف

2018ع ۾ پوکيل ٻوٽن جي سنڀال ڪريون پيا: نياز سومرو

ٺٽو: ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ڪوسٽل ڪراچي جي نياز سومرو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڏيڊ سال اڳ ڪيٽي بندر واري سامونڊيپٽي ۾ تمر جي پوکائي بهتر هئي، 2018ع ۾ تمر جي رائزو فور جنس جي جيڪا ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي پوکائي ٿي، اها موجود آهي. هن چيو ته دريائي پاڻي نه اچڻ ڪري تمر جي واڌ ۽ ان جي ڊيگھه تي اثر پيو آهي. هوڏانهن ورلڊ وائلڊ فورم ( ڊبليو ڊبليو ايف) جي ڪنزرويشن آفيسر ۽ ڪيٽي بندر جي انچارچ نواز جماري ٻڌايو ته انڊس ڊيلٽا ۾ 30 هزار هيڪٽرن تي تمر جي پوکي ڪئي آهي. سنڌوءَ ۾ مٺي پاڻي جي اڻهوند ڪري جيڪو تمر جي پوکيل جنس کي قد ڪرڻ گهرجي ها اهو ناهي ڪري سگھي پر ان جي باوجود سندن پوکيل تمر جي ٻوٽن جو قد هن مهل تائين هڪ فوٽ تائين پهچي ويو آهي،

Bookmark the permalink.