تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

تلهار ۾ پسند پرڻي تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، 3 ڄڻا رتو رت

تلهار(ن پ ا) تلهار ۾ پسند پرڻي تان جهيڙو، 3ڄڻا رتو رت. ان ڏس ۾ ڳوٺ تاج محمد شاھ اسي غلام حسين ڀٽي ملاح برادري جي ناري سان ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪئي. جوڙو واپس ڳوٺ پهتو ته ملاح ۽ ڀٽي برادري جي 2 ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب علي محمد ملاح ۽ سندس 2 پٽ نظير ۽ وزير علي ملاح زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ آهي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Bookmark the permalink.