تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

تلهار ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي 12 ملازمن کي ڪراچي رليو ڪرڻ خلاف احتجاج

تلهار(ن پ ا) تلهار ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايم ايس پاران پيرا ميڊيڪل جي 12ملازمن کي ڪراچي آفيس رليو ڪرڻ خلاف تلهار رورل هيلٿ سينٽر جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف احتجاج جاري رکيو، ان ڏس ۾ ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جوبائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن ڪري مريض سخت  پريشان رهيا، مريضن مسمات خاتون زادي، هاجره، محمد بخش شيخ، ارباب لغاري ٽائيم ۽ پنهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته برساتن سبب گهر ٻڏي ويا، مال مري پيو هاڻي ٻچا ٿا مرن، خدارا يا اسپتالون کوليو يا هنن کي به تالا هڻي ڇڏيو ته ماڻھن کي آسرو ئي نه هجي، جڏھن ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف اعتراف ڪندي چيو ته اسانکي احساس آھي ته مريض پريشان آھن ايمرجنسي کي ڏسون پيا، اسانجا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ته اسين بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيون.

Bookmark the permalink.