تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

تفتان بارڊر تي آئسوليشن خيما بستي قائم: 500 سنڌ واسي سخت امتحان ۾مبتلا

ايران مان موٽندڙ زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي خدشي سبب کين14ڏينهن لاءِ پاڪ ايران سرحدتي ترسايو ويو

حيدرآباد، ٽنڊوالهيار ۽ مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ زائرين ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شديد ڏکيائين جوشڪار

ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي) ايران عراق مان زيارتون ڪري موٽندڙ زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي خدشي سبب ايران پاڪستان سرحد تفتان تي آئسوليشن خيما بستي کي قائم ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر ڏينهن ۾2 کان 3 ڀيرا زائرين کي چيڪ ڪن ٿا. سهولتن جي کوٽ سبب زائرين شديد ڏکيائين جو شڪار، زائرين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل آهي. حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري سميت سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 500 کان وڌيڪ زائرين تافتان بارڊر تي ترسيل آهن، جن کي 14 ڏينهن خيما بستيءَ ۾ رکڻ بعد ڇڏيو ويندو. رپورٽ موجب ايران عراق ويل زائرين جي واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، مٽياريءَ جا زائرين وڏي انگ ۾ تفتان بارڊر تي پهتل آهن، جن کي 14 ڏينهن لاءِ آئسوليشن ۾ رکڻ بعد پنهنجي پنهنجي شهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ايران عراق مان زيارتون ڪري واپس ايندڙن کي تافتان تي روڪيو پيو وڃي، جڏهن تي اتي موجود پنهنجي اخبار جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته زائرين کان سواءِ ايندڙ تاجرن فوري طور بغير اسڪرينگ جي ڇڏيو پيو وڃي. تفتان بارڊر تي سنڌ سميت ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ ٻه هزار کان وڌيڪ زائرين لاءِ وڏي خيما بستي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڀر ۾ ئي زائرين لاءِ خيمي نما باٿ روم تيار ڪيا ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب اتي موجود زائرين کي خيمن ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. زائرين نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته تيز هوا ۽ سرديءَ سبب خيمن ۾ رهڻ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ نه آهي. هنن چيو ته زائرين سان اهڙو حشر ڪيو ويو آهي جهڙو اسان پناهگير هجون. هنن چيو ٻارڙن ۽ عورتن جو وڏو انگ آهي، جن کي ناشتو به نٿو ملي. منجهد جو ٿورڙا چانور ڏنا ويندا آهن جن سان پيٽ ئي مشڪل سان ڀرجي ٿو.

Bookmark the permalink.