تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

تعليمي ادارا اڄ کان کُلڻ تي وزيراعظم پاران شاگردن جي آجيان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا اڄ کان کُلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، پهرين مرحلي ۾ اڄ کان 9ڪلاس کان وٺي سموريون يونيورسٽيز کوليون وينديون، 23سيپٽمبر کان ڇهين ۽ اٺين ڪلاس تائين اسڪول کوليا ويندا، 30 سيپٽمبر کان پري پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ حفاظتي اپائن تي عمل ڪيو ويندو، شاگردن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، ٻار کي بخار يا کنگهه ٿئي ته اُن کي اسڪول نه اُماڻيو وڃي، ڪلاسز ۾ شاگردن جي گهٽ گنجائش رکي ويندي، سماجي فاصلو رکيو ويندو، هوڏانهن وزير اعظم عمران خان چيو آھي ته اڄ لکين شاگردن جي اسڪولن ۾ واپسي تي کين ڀليڪار چئون ٿا، ٽوئيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته گڏيل ذميواري آهي ته هر ٻار اسڪول ۾ باحفاظت وڃي سگهي اسان اسڪولن ۾ تدريسي سرگرميون صحت بابت ضابطي کي سامهون رکي ڪيون.

Bookmark the permalink.