تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

تعليم، روينيو، زراعت، آبپاشي ۽ صحت سوڌو ٻين سرڪاري کاتن ۾ 273 نوڪريون فوتي ڪوٽا تحت ڏيڻ جي منظوري

چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ اجلاس دوران نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت وڌيڪ 273 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين واري معاملي جو جائزو ورتو ويو. جاري ٿيل پڌرائي موجب اجلاس دوران مختلف سرڪاري کاتن م فوتي ڪوٽا تحت 273 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته هلندڙ سال دوران 3 هزار 18 ماڻهن کي فوتي ڪوٽا تحت ڀرتي ڪيو ويو آهي.
ڪهڙن کاتن ۾ ڀرتيون ٿينديون؟
اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو آهي ته تعليم کاتي ۾ 81، صحت کاتي ۾ 10 ۽ روينيو کاتي ۾ 13 ڀرتيون فوتي ڪوٽا تحت ڪيون وينديون، جڏهن ته زراعت کاتي ۾ 19، اوقاف ۾ 3، آبپاشي 52، پبلڪ هيلٿ 11 ۽ مڪاني کاتن ۾ 20 ڀرتيون فوتي ڪوٽا موجب ٿينديون.
اُن کانسواءِ آبادگي جي ڀلائي واري کاتي ۾ 13، لائيو اسٽاڪ ۾ 13، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 3، ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ 13 ۽ ايس اين جي اي ڊي ۾ 3 ڀرتيون فوتي ڪوٽا تحت ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته فوتا ڪوٽا تحت ڀرتين واري عمل کي شفاف بڻايو وڃي، اُن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.