تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

تعلقي سانگهڙ جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

پيرونمل( ن پ ا) تعلقي سانگهڙ جي علائقن يوسي سيٺار پيرم، يوسي دڙو بازار، يوسي بھرم بري، يوسي ٻوٻي، يوسي ساڌڻو، يوسي کوڙي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ سڌير فقير، ڳوٺ مدد علي رند، ڳوٺ ڪرم خان مري، ڳوٺ ليمون خاصخيلي، ڳوٺ علي محمد خاصخيلي، ڳوٺ محمد بچل شر، ڳوٺ قادر بخش مري سميت سوين ڳوٺ آهن جن ۾ ڊي سي توڙي چونڊيل نمائندن اڃا تائين پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪوبه قدم ناهي کنيو. جڏهن ته سوين ڳوٺاڻا واهن ۽ مٿانهين وارن علائقن ۾ بي يارو مدد گار ويٺل آهن ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن چونڊيل نمائندن پاران هنن علائقن جي مسڪين غريبن پورهيت ماڻهڻ جي ڪابه امدادي مدد ناھي ڪئي. جڏهن ته مڇرن ۽ گندو پاڻي پيئڻ ڪري مليريا ۽ گيسٽرو ۾ سندن ٻچڙا ورتل آهي پر هتان جي مغيري توڙي سرڪاري عملدار کين پڇڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري هي مسڪين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن سندن آخري سهارو ٿورو گهڻو چوپايو مال به گاهه نه هئڻ ۽ گندي پاڻي ۽ مڇرن جي آزار سبب مري رهيو آهي هتان ماڻهڻ ڦورن ڊي سي سانگهڙ ۽ چونڊيل نمائندن کي سرڪاري پاڻي جا لنگهه کولائي پاڻي نيڪال جي اپيل ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.